سيٺ رگهوناٿ پنڊت (بانسري نواز)

سيٺ رگهوناٿ پنڊت (بانسري نواز)

سيٺ رگهوناٿ پنڊت بانسري نواز

سيٺ رگهوناٿ پنڊت (بانسري نواز): ناميارو بانسري نواز سيٺ رگهوناٿ پنڊت، 1930ع ڌاري گواليار ۾ پيدا ٿيو. هن بانسريءَ جي فن جي شروعاتي تعليم پنهنجي دؤر جي وڏي موسيقار پنڊت ايس. اين رتنانڪر کان حاصل ڪئي، بعد ۾ جڏهن هو گواليار مان بمبئي رهڻ لڳو، تڏهن بانسريءَ جي وڏي وڄتڪار ۽ موسيقار پنڊت پنالال گهوش جي صحبت ۾ رهي، ان کان بانسريءَ جي تربيت ورتائين. سيٺ رگهوناٿ پنڊت 1951ع ڌاري پنهنجي فن سفر جي شروعات ڪئي، 1954ع ۾ هو لکنئو آيو. هن ريڊيو لکنئو ۾ 15 سال موسيقار جي حيثيت ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون. سيٺ رگهوناٿ پنڊت، انڊين فلم انڊسٽريءَ ۾ پڻ پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاريا. هن ڪيترين فلمن جي موسيقي ترتيب ڏني. ڀارت جي ڪيترين فلمن جي گانن ۾ سندس وڄايل بانسريءَ جا رنگ اڄ به نمايان نظر ايندا. سندس ناميارين فلمن مان هڪ فلم ’رام تيري گنگا ميلي هو گئي‘ آهي، جنهن ۾ هن بانسريءَ جا دلفريب ۽ يادگار رنگ ڀريا. هن فلم جي موسيقي روندرجين ترتيب ڏني هئي، جڏهن ته هن فلم جو ڊائريڪٽر راج ڪپور هو. رگهوناٿ جي وڄايل بانسري تي مشتمل انيڪ آڊيو البم رليز ٿي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو